جسٽس غلام رباني

جسٽس غلام رباني

جسٽس غلام رباني

جسٽس غلام رباني: جسٽس غلام رباني ولد نور احمد قريشي، 20 آڪٽوبر 1944ع تي جنم ورتو. سندن اباڻو گهر، پڪي قلعي، حيدرآباد جي مُکيه دروازي ويجهو ٺاٺارن جي گهٽيءَ ۾ هو، جيڪو مئي 1990ع ۾ لساني فسادن جي ڪري کين ڇڏڻو پيو، ڇاڪاڻ ته ان گهر کي لُٽيو ۽ ساڙيو ويو. تيرهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ سندن وڏا سبزوار- آذربائيجان کان سيوهڻ ۾ اچي آباد ٿيا هئا، جتي سندن جد امجد، ميان عالي جي مزار اڄ به اهل الله ۽ ٻين عام ماڻهن لاءِ مرجع مخلوق آهي. هڪ روايت موجب ميان عالي، قلندر شهباز جي وصال بعد کيس غسل ڏنو هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ هنن جو ڪٽنب حيدرآباد شهر ۾ اچي آباد ٿيو. سندس ڏاڏو مرحوم خانصاحب محمد ابراهيم قريشي، انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ ٿي رهيو ۽ سال 1936ع ۾ ڪليڪٽر حيدرآباد چٽنس طور رٽائر ڪيائين. سندس والد نور احمد قريشي ڪمشنر حيدرآباد جي سينيئر سپرنٽينڊنٽ طور رٽائر ٿيو. خلافت تحريڪ جو پهريون شهيد محمد رحيم سمون سندس نانو هو، سندس چاچو عبدالخالق قريشي حيدرآباد جي مشهور پڪي قلعي واري واقعي ۾ گرفتار ٿيو ۽ کيس سزا آئي، جيڪا پاڪستان ٺهڻ بعد معاف ٿي.
جسٽس غلام رباني مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جي ساڌو نولراءِ اڪئڊميءَ مان سُٺن نمبرن سان پاس ڪئي. سال 1965ع ۾ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس پنجن مضمونن ۾ ڊسٽنڪشن سان پاس ڪئي، جڏهن ته 1967ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪامن ويلٿ ايجيوڪيشن انسٽيٽيوٽ مان فيلو شپ حاصل ڪيائين. هن 11 آڪٽوبر 1969ع تي پنهنجي سئوٽ ۽ هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاتون بدرالنساءِ قريشيءَ سان شادي ڪئي.
شروع ۾ هن روينيو کاتي، حيدرآباد ۾ ڪم ڪيو. 74-1975ع کان هن پنهنجي مامي هدايت الله عباسيءَ سان گڏ وڪالت شروع ڪئي. وڪالت واري عرصي ۾ هو 77-1976ع ۽ 78-1977ع ۾ حيدرآباد بار جي جوائنٽ سيڪريٽري طور ٻه ڀيرا چونڊيو ويو ۽ 90-1989ع ۾ هو حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري طور ڪامياب ٿيو. سال 97-1996ع ۾ هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل ٿي رهيو ۽ وڪالت واري انهيءَ عرصي ۾ ’سنڌ لا ڪاليج‘ ۾ تيستائين استاد طور به خدمت سر انجام ڏيندو رهيو، جيستائين سال 1998ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. هو ڪيترائي ڀيرا سينيئر جج جي حيثيت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جون ذميواريون به نڀائيندو رهيو. جسٽس غلام رباني، سنڌ لا ڪاليج، ڪراچي لا ڪاليج جي گورننگ باڊيءَ جو ميمبر؛ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي سئنڊيڪيٽ جو ميمبر؛ سنڌ يونيورسٽيءَ سليڪيشن توڙي نصاب ڪميٽيءَ جو ميمبر؛ آغا خان بورڊ جي ٽرسٽي جي حيثيت ۾ لنڊن ۽ پئرس ۾ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. هو پاڪستان رويو بورڊ (Review Board) جو ميمبر ٿي رهيو. پاڻ حيدرآباد سٽيزن پوليس ليزان ڪميٽيءَ جو جوائنٽ چيف ۽ ميمبر ٿي ڪم ڪيائين. حيدرآباد جي 90-1988ع وارن لساني فسادن جي متاثرن جي بحاليءَ واري ڪميٽي Rehabilitation Committee)) جو ميمبر به رهيو، جنهن جو چيئرمئن وزيراعليٰ سنڌ هو. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جي حيثيت ۾ جڊيشل سليڪشن ڪميٽيءَ جي هيڊ جي حيثيت ۾ 80 کان مٿي جج چونڊيا.
هن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري، جسٽس راڻا ڀڳوان داس، جسٽس جاويد اقبال، جسٽس شاد ڪرم الله خان، جسٽس ناصر الملڪ، جـسـٽـس راجـا فـياض احمد سان گڏ جنرل (ر) پرويز مشرف جي پي. سي. او (Provisional Constitution Order) کي غير آئيني قرار ڏئي، ان خلاف فيصلو ڏنو ۽ سال 2009ع ۾ وري سپريم ڪورٽ ۾ جج جي حيثيت ۾ واپس مقرر ٿيو.


لفظ جسٽس غلام ربانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو